ملڪ ۾ برسات جو نئون اسپيل داخل

ملڪ ۾ برسات ۽ برفباري جو نئون اسپيل داخل ٿي ويو آهي، جڏهن ته موسميات کاتي ڪراچي ۾ سائبيريا کان ايندڙ ٿڌين هوائن هلڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي۔تفصيلن موجب ڪراچي ۾ ٿڌ جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي۔ موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سائبيريا کان ايندڙ ٿڌيون هوائون سڄو ڏينهن هلنديون رهنديون، جنهن سبب موسم وڌيڪ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي۔ٻئي طرف ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري جي نئين اسپيل جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) اڄ کان 3 فيبروري تائين ممڪن برسات ۽ برفباري جي حوالي سان الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهيموسميات کاتي موجب اتر بلوچستان ۽ ملڪ جي اترين علائقن ۾ برسات جڏهن ته جبلائي علائقن ۾ برفباري متوقع آهي۔ گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ پڻ برسات ۽ برفباري جا امڪان آهن۔موسميات کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پهرين فيبروري کان 3 فيبروري دوران اسلام آباد، پوٺوهار خطي، پنجاب، مري ۽ گليات ۾ برسات ۽ برفباري ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته مٿئين خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي جبلائي علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو پڻ موجود آهي۔اين ڊي ايم اي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ اڳواٽ حفاظتي قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن

پنھنجي راءِ لکو