بلوچستان ۾ فتنته الهندستان جا 12 دهشتگرد حملا ناڪام، 92 دهشتگرد مارجي ويا، 15 جوان ۽ 18 شهري شهيد

ڪوئٽه: سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ فتنته الهندستان جي دهشتگردن پاران مختلف هنڌن تي ڪيل حملا ناڪام بڻائيندي وڏي ڪارروائي ڪئي آهي، جنهن دوران 92 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ملڪ جو دفاع ڪندي 15 بهادر جوان ۽ 18 معصوم شهري شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب 31 جنوري 2026ع تي ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ فتنته الهندستان جي دهشتگردن بلوچستان ۾ امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دهشتگردن ڪوئٽه، مستونگ، نوشڪي، دالبدين، خاران، پنجگور، تمپ، گوادر ۽ پسني سميت 12 مختلف هنڌن تي دهشتگردانه ڪارروايون ڪيون.

آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته انهن بزدلانه حملن جو مقصد بلوچستان جي مقامي آبادي کي دهشت ۾ مبتلا ڪرڻ ۽ صوبي جي ترقي کي نقصان پهچائڻ هو. دهشتگردن خاص طور تي گوادر ۽ خاران ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارن، بزرگن ۽ مزدورن سميت 18 عام شهري شهيد ٿيا.

سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري ردعمل ڏيندي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. ڪليئرنس آپريشن دوران ٻن خودڪش بمبارن سميت 92 دهشتگرد مارجي ويا. فورسز آپريشن دوران مقامي آبادي جي حفاظت کي يقيني بڻايو.

آءِ ايس پي آر موجب بدقسمتي سان ڪليئرنس آپريشن ۽ فائرنگ جي مختلف واقعن دوران پاڪ فوج جا 15 بهادر جوان وطن جي دفاع ڪندي شهادت جو عظيم درجو حاصل ڪري ويا.

پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته متاثر علائقن ۾ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهن، جڏهن ته انهن دهشتگردانه حملن جا منصوبه ساز، سهولتڪار ۽ مددگار، جيڪي معصوم شهرين ۽ سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائي رهيا هئا، انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

آءِ ايس پي آر موجب انٽيليجنس رپورٽن مان واضح طور تصديق ٿي آهي ته اهي حملا پاڪستان کان ٻاهر ويٺل دهشتگردن جي منصوبه بندي تحت ڪيا ويا، جيڪي ڪارروائين دوران سڌو سنئون دهشتگردن سان رابطي ۾ هئا.

پنھنجي راءِ لکو