طالبان رجيم طرفان فتنو الخوارج کي پاڪستاني قرار ڏيڻ غير منطقي آهي جيڪڏهن پاڪستاني آهن ته حوالي ڪيو ڊي جي آءِ ايس پي آر

ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته طالبان رجيم جو فتنو الخوارج کي پاڪستاني شهري قرار ڏيڻ مڪمل طور غير منطقي دعووَ آهي، جيڪڏهن اهي واقعي پاڪستاني آهن ته انهن کي پاڪستان حوالي ڪيو وڃي جيئن انهن سان قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي.25 نومبر تي سينيئر صحافين سان ملاقات دوران هن ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال، دهشتگردي خلاف آپريشنز ۽ بارڊر مينيجمينٽ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي
ترجمان موجب 4 نومبر 2025 کان اڄ تائين 4,910 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا ويا جن ۾ 206 دهشتگرد مارجي ويا। رواں سال ملڪ ۾ مجموعي طور 67,023 آپريشنز ٿيا، جن ۾ ڪي پي ۾ 12,857 ۽ بلوچستان ۾ 53,309 شامل آهن۔
2025 ۾ اڄ ڏينهن تائين 1,873 دهشتگرد ماريا ويا، جن ۾ 136 افغان شهري به شامل آهن۔هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد تمام ڏکيو ۽ پيچيده آهي، جڏهن ته ان حوالي سان ادارن خلاف غلط پروپيگنڊا ڪيو وڃي ٿو۔ ڪي پي ۾ 1,229 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد تي 20 ڪراسنگ پوائنٽس آهن ۽ ڪيترن هنڌن تي چوڪين جي وچ ۾ 20 کان 25 ڪلوميٽر فاصلو آهي۔هن چيو ته بارڊر فنسنگ تڏهن مؤثر ٿئي ٿي جڏهن ان سان گڏ سخت نگراني، فائر ڪور ۽ ڊرون سرويلنس به هجي، جنهن لاءِ وڏي وسيلن جي ضرورت پوي ٿي۔ پنجاب ۽ سنڌ جي مقابلي ۾ ڪي پي ۾ بارڊر جي ٻنهي پاسن منقسم ڳوٺ هجڻ سبب آمدورفت ڪنٽرول ڪرڻ وڏو چيلنج آهي۔هن وڌيڪ چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جا مرڪز، القاعده ۽ داعش جي قيادت موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان خلاف استعمال ٿيندڙ اسلحـو ۽ فنڊنگ به افغانستان مان ملي ٿي۔هن واضح ڪيو ته دوحه معاهدي بابت پاڪستان جو مؤقف بلڪل صاف آهي، افغانستان قابلِ تصديق ميڪانزم ٺاهيندو ته پاڪستان کي ڪو اعتراض نه هوندو۔ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته طالبان رجيم ٻڌائي ته اهي ڪيئن “مهمان” آهن جيڪي هٿيارن سان پاکستان ۾ داخل ٿين ٿا؟ هن چيو ته آمريڪا 7.2 بلين ڊالر جو فوجي سامان افغانستان ۾ ڇڏي ويو، جنهن پوري خطي کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ طالبان رجيم غير رياستي عناصر کي سهولت ڏئي خطي لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو