عامر خان جي راج ٺاڪري سان ملاقات،

بالي ووڊ اداڪار عامر خان جي مھاراشٽر نونرمان سينا جي سربراھھ راج ٺاڪري سان ملاقات کانپوءِ مختلف حلقن ۾ بحث شروع ٿي ويو آھي. اھا ملاقات اھڙي وقت ٿي آھي، جڏھن عامر خان جو ڀاڻيجو ۽ اداڪار عمران خان ڀارت ڇڏڻ واري نوٽيس خلاف قانوني جنگ وڙھي رھيو آھي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، عامر خان آچر ڏينھن ممبئي ۾ راج ٺاڪري جي رھائشگاھھ تي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات جا تفصيل سامھون نھ اچي سگھيا آھن، جنھن سبب ان جي مقصد بابت مختلف اندازا لڳايا پيا وڃرپورٽن موجب، اداڪار عمران خان کي ڀارت جي فارينرز ريجنل رجسٽريشن آفيس طرفان 28 آڪٽوبر تائين ڀارت ڇڏڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو ھو. عمران خان ان نوٽيس کي بمبئي ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آھي.عامر خان ۽ راج ٺاڪري جي ملاقات جو وقت عمران خان جي قانوني معاملي سبب ڌيان جو مرڪز بڻيو آھي. بھرحال، مھاراشٽر نونرمان سينا جي ھڪ عھديدار موجب، ملاقات جو عمران خان جي معاملي سان ڪو بھ تعلق ناھي. عامر خان ۽ راج ٺاڪري جا اڳ ئي ذاتي لاڳاپا آھن ۽ ھو وقت بوقت ھڪ ٻئي سان ملندا رھندا آھن.