بالي ووڊ اداڪار ٽائيگر شريف بابت سوشل ميڊيا تي ھڪ تصوير تيزيءَ سان وائرل ٿي رھي آھي، جنھن مداحن ۾ ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آھي. تصوير ۾ اداڪار جي جسم تي پٽيون ٻڌل نظر اچن ٿيون، جنھن کانپوءِ ڪجھھ ماڻھن خدشو ظاھر ڪيو تھ شايد ھو فائرنگ واري واقعي ۾ زخمي ٿيو آھي.ميڊيا رپورٽن موجب، وائرل تصوير جو فائرنگ واري واقعي سان ڪو تعلق ناھي. ٻڌايو پيو وڃي تھ اھا تصوير اداڪار جي ايندڙ فلم جي شوٽنگ دوران ورتي وئي ھئي، جتي فلمي منظر جي ضرورت موجب سندس جسم تي عارضي پٽيون ٻڌيون ويون ھيونخبرن ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ اداڪار جي گاڏي ڀرسان فائرنگ جو واقعو پيش اچڻ کانپوءِ سندس مداحن ۾ ڳڻتي پيدا ٿي ھئي. بھرحال، وائرل تصوير کي ان واقعي سان ڳنڍڻ بابت ڪا تصديق سامھون نھ آئي آھي.سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ ھر تصوير يا خبر تي بنا تصديق جي يقين نھ ڪرڻ گھرجي. مداحن کي گھرجي تھ اھڙين خبرن جي تصديق معتبر ميڊيا ذريعن يا سرڪاري بيانن مان ڪن.
