ڪراچي جي سرجاني واري علائقي ۾ پاڪستان رينجرز سندھ ۽ ضلع مغربي پوليس پاران گڏيل ۽ ڪامياب انٽيليجنس ڪارروائي ڪندي خطرناڪ انساني اسمگلر گرفتار ڪيا ويا آھن. حراست ۾ ورتل جوابدارن وٽان پرڏيھين کي غير قانوني طور پاڪستان ۾ داخل ڪرڻ ۽ ھڪ صوبي کان ٻئي صوبي ڏانھن منتقل ڪرڻ بابت حيران ڪندڙ تفصيل سامھون آيا آھن.ترجمان موجب خفيا معلومات جي بنياد تي سرجاني ٽائون ۾ بغير اجازت نامي ۽ ڏوھاري سرگرمين ۾ ملوث نيٽورڪ خلاف شڪنجو ڪسيو ويو. ايمرجنسي ڪارروائي دوران پنج بين الصوبائي انساني اسمگلر جنھن ۾ عبدالعزيز بروھي، محمد بخش دشتي، علي حسن بروھي، نديم بروھي ۽ جميل بروھي شامل آھن، موقعي تان گرفتار ڪيا ويا.جاچ دوران معلوم ٿيو آھي تھ گرفتار ڪيل وڏا انساني اسمگلر گرفتار ٿيڻ کان اڳ افغان خاندانن کي بلوچستان جي علائقي حب کان ڪراچي منتقل ڪرڻ جي عيوض بھترين رقم وصول ڪندا ھئا. جوابدار افغان فئملي کان ڪراچي پھچائڻ جا 2 لک رپيا وصول ڪندا ھئا ۽ سندن لاءِ غير قانوني رھايشي سھولتون پڻ فراھم ڪندا ھئا.سڪيورٽي ذريعن انڪشاف ڪيو آھي تھ ھن بين الصوبائي گروھھ رڳو گذريل ھڪ مھيني اندر 250 کان وڌيڪ غير قانوني افغان شھري حب کان ڪراچي پھچايا آھن. ھن غير قانوني ڪاروبار ذريعي لکين رپيا ڪمايا ويا آھن جڏھن تھ شھر جي امن امان کي بھ شديد خطري ۾ وڌو ويو ھو.ترجمان وڌيڪ ٻڌايو تھ گرفتار ڏوھارين جي قبزي مان بغير دستاويزن جون گاڏيون، موبائيل فون ۽ ھيوي رقم پڻ ھٿ ڪئي وئي آھي. جوابدارن خلاف انساني اسمگلنگ ائڪٽ ۽ ٻين قانوني قلمن تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آھي تاڪھ ھن نيٽورڪ سان جڙيل ٻين سھولتڪارن کي بھ قانون جي گرفت ۾ آڻي سگھجي.قانون نافذ ڪندڙ ادارن جو چوڻ آھي تھ ملڪ ۾ غير قانوني طور تي رھندڙ پرڏيھين ۽ کين سھارو ڏيدڙ انساني اسمگلرن خلاف بلاتفريق ڪارروائيون جاري رھنديون، ۽ ڪنھن کي بھ ملڪي سلامتي سان راند رھڻ جي اجازت نھ ڏني ويندي.
