ڪراچي جي علائقي ڪورنگي زمان ٽائون سيڪٽر 35 ڪبڊي گرائونڊ ۾ ڌاڙي جي واردات دوران نامعلوم جوابدار گهر مان لکين رپيا نقد ۽ اهم دستاويز چوري ڪري فرار ٿي ويا.متاثر خاندان موجب گهر جا سڀ فرد امام بارگاهه ويا هئا، واپسي تي گهر جو سمورو سامان اٿل پٿل ٿيل مليو. چورن 10 کان 12 لک رپيا نقد، سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا.پاڙيسرين ٻڌايو ته هڪ رڪشي ۾ سوار ٻه ماڻهو گهر ٻاهران ڏٺا ويا هئا. اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ڪرائم سين يونٽ واقعي واري هنڌ پهچي شواهد گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
