بيورو آف اميگريشن پاڪستان جو سرٽيفڪيٽ 27 يورپي ملڪن ۾ قابل قبول

بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ پاڪستان طرفان جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ کي 27 يورپي ملڪن ۾ قبول ڪيو وڃي ٿو۔ سينيٽ جي قائمھ ڪميٽي براءِ اوورسيز پاڪستانيز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ پاڪستان جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪميٽي ميمبرن کي بريفنگ ڏني۔ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ٻڌايو ته بيورو پاران جاري ڪيل سرٽيفڪيٽ يورپ جي 27 ملڪن ۾ تسليم ٿيل آهي، جنهن سان پاڪستاني هُنرمند ۽ مزدور طبقي لاءِ روزگار جا موقعا وڌي رهيا آهن۔هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي ملڪن ۾ نوڪري لاءِ ويندڙ ماڻهن کي پهرين مهارتن جي تربيت ڏني ويندي آهي، ان کانپوءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويندو آهي۔اي ڊي بيورو آف اميگريشن موجب، هاڻي نوجوانن جي ٽيسٽ جديد اي آءِ ٽيڪنالاجي ذريعي ورتي وڃي ٿي، جنهن ۾ اميدوارن جي تعليمي قابليت ۽ رجحان مطابق سوال تيار ڪيا ويندا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو