شهر قائد ڪراچي جي علائقي صدر ۾ پوليس جي دعوائن باوجود ڀته خور ٻيهر سرگرم ٿي ويا آهن۔ صدر اليڪٽرانڪ مارڪيٽ جي واپاري عرفان ظہور کي گينگ وار جي نالي تي غير ملڪي نمبرن تان ڀته جون ڪالون مليون آهن۔تفصيلن موجب واپاري ٿانو پريڊي ۾ نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي۔ مدعي موجب يکم فيبروري تي کيس واٽس ايپ تي هڪ غير ملڪي نمبر تان ڪال آئي، جنهن ۾ ڪال ڪندڙ پاڻ کي گينگ وار جو ڪارندو ظاهر ڪندي 10 لک رپين جو ڀتو طلب ڪيو۔واپاري جو چوڻ آهي ته فون بند ڪرڻ کانپوءِ جوابدار مختلف نمبرن تان بار بار ڪالون ڪندو رهيو۔ فون نه کڻڻ تي واٽس ايپ تي آواز ۽ لکت وارا پيغام موڪليا ويا، جن ۾ ڌمڪي ڏني وئي ته “فون کڻو نه ته انجام سٺو نه ٿيندو”۔پوليس ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ نمبرن جي ٽريڪنگ ذريعي جوابدارن تائين پهچڻ جي ڪوشش جاري آهي۔
