لاهور جي علائقي ڏکڻ ڇاؤني ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي رشتو ڏسڻ جي بهاني ٻه سڳيون ڀينرون ڏوهاري ڪارروائي جو شڪار بڻايون ويون. پوليس ڪيس داخل ڪري نامزد سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب متاثر ڇوڪرين جي والده جي بيان تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ جوابدار ڇوڪرين کي پنهنجي فيملي سان ملائڻ جي بهاني گهران وٺي ويو ۽ پوءِ کين هڪ هوٽل ڏانهن منتقل ڪيو ويو.
مقدمي ۾ هوٽل جي مالڪ، مينيجر ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي به نامزد ڪيو ويو آهي. مدعيه موجب جوابدارن ڇوڪرين کي هراسان ڪيو ۽ کين خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون.
پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث پنجئي جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
حڪام موجب جوابدارن خلاف مضبوط ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن ته جيئن کين قانون موجب سزا ڏيارِي وڃي.
