ڪراچي: بلديه آفريدي چوڪ ڀرسان هلندڙ موٽر سائيڪل تي نوجوان کي گولي هڻي قتل

ڪراچي: اتحاد ٽائون واري علائقي ۾ بلديه آفريدي چوڪ ڀرسان فائرنگ جي واقعي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار نوجوان قتل ٿي ويو. واقعو مستانه چوڪ، جاويد پلاؤ والا جي ويجهو پيش آيو، جتي نامعلوم جوابدارن هلندڙ موٽر سائيڪل تي فائرنگ ڪئي.تفصيل موجب مقتول جي سڃاڻپ متين جي نالي سان ٿي آهي. پوليس جي شروعاتي ڄاڻ مطابق متين پنهنجي استاد عابد ڊينٽر سان گڏ موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته ٻن جوابدارن 125 موٽر سائيڪل تي اچي متين کي مٿي ۾ گولي هڻي فرار ٿي ويا.ريسكيو ذريعن موجب متين کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو زخمن جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ فوت ٿي ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مطابق واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو. پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي شواهد گڏ ڪيا آهن، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پنھنجي راءِ لکو