ڪراچي: آئی ایم ایف ۽ پاڪستان وچ ۾ معاشي جائزي بابت ڳالهيون اڄ ڪراچي ۾ شروع ٿي رهيون آهن۔ آءِ ايم ايف جو وفد اقتصادي جائزي لاءِ پاڪستان پهچي چڪو آهي، جتي اڄ وفد ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي عملدارن وچ ۾ باضابطا ملاقاتون ٿينديون۔ذريعن موجب ڳالهين جي پهرين مرحلي ۾ ٽيڪنيڪل ڊيٽا شيئر ڪئي ويندي، جنهن دوران اسٽيٽ بئنڪ جا ماهر ملڪي معيشت، مانيٽري پاليسي، مهانگائي ۽ بئنڪنگ ضابطن بابت بريفنگ ڏيندا۔
ان سان گڏ پاليسي ريٽ، دهشتگردي جي مالي مدد روڪڻ ۽ مني لانڊرنگ خلاف کنيل قدمن بابت پڻ آءِ ايم ايف وفد کي آگاهه ڪيو ويندو۔ذريعن جو چوڻ آهي ته ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسيلٽي پروگرام تحت ٽئين اقتصادي جائزي کان پوءِ پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جي قسط ملڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته موسمياتي تبديلي بابت آر ايس ايف پروگرام تحت تقريباً 20 ڪروڙ ڊالر پڻ ملي سگهن ٿا۔آءِ ايم ايف 30 جون 2026 تائين اسٽيٽ بئنڪ جي خالص پرڏيهي ذخيرن کي 17.8 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ اهي ذخيرا 23.3 ارب ڊالر تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔رپورٽ موجب موجوده مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران پرائمري بيلنس 4 هزار 105 ارب رپين جو سرپلس رهيو، جڏهن ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي جو منفي 0.6 سيڪڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔ذريعن موجب آءِ ايم ايف جو وفد 25 فيبروري کان 11 مارچ تائين پاڪستان ۾ موجود رهندو، ۽ ڳالهين جي ڪاميابي جي صورت ۾ بجيٽ کان اڳ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿيڻ سان 1.2 ارب ڊالر ملڻ جو امڪان آهي۔
