تل ابيب/تهران: جنگي جذبي ۾ مبتلا اسرائيل ايران تي سڌو حملو ڪري ڇڏيو، جنهن سبب خطے ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.
اسرائيلي وزير دفاع باقاعده اعلان ڪيو آهي ته اسرائيل ايران تي حملا شروع ڪري چڪو آهي. هن چيو ته ايران جي مسلسل ڌمڪين ۽ سيڪيورٽي خطرن جي پيش نظر اها جوابي ڪارروائي ڪئي وئي آهي.
حملن کان پوءِ اسرائيل جي مختلف شهرن ۾ خطرناڪ سائرن وڄي ويا ۽ شهري ادارن شهري عوام کي محفوظ هنڌن ۽ بنڪرن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت جاري ڪئي.
غير ملڪي ميڊيا موجب، صورتحال جي سنجيدگي سبب اسرائيل ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي ۽ دفاعي نظام فعال ڪيو ويو آهي.
ايراني ميڊيا موجب، اسرائيلي فورسز تهران جي ٽن هنڌن تي حملا ڪيا، بمباري جي نتيجي ۾ تهران ۾ ڌوئين جا ڪڪر ڇڪيا ۽ شاهراه يونيورسٽي تي گهڻا ميزائل گِرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
