سپريم ليڊر علی خامنہ ای جي شهادت، ايران ۾ ست ڏينهن جي موڪل ۽ چاليهن ڏينهن جو سوڳ اعلان

(تهران/ويب ڊيسڪ) علی خامنہ ای جي شهادت کان پوءِ ايران ۾ ست ڏينهن جي عام موڪل ۽ چاليهن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي۔

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب سپريم ليڊر اسرائيلي ۽ آمريڪي حملي ۾ شهيد ٿيا۔ حڪومت ملڪ ڀر ۾ ست ڏينهن جي عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته چاليهن ڏينهن تائين سرڪاري سطح تي سوڳ ملهايو ويندو۔

ايراني شهر مشهد ۾ واقع امام رضا روضو تي ڪارو جهنڊو ڦڙڪايو ويو آهي، جتي وڏي انگ ۾ شهري ۽ زائرين گڏ ٿي رهيا آهن۔

گادي واري هنڌ تهران ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو انقلاب اسڪوائر تي گڏ ٿي تعزيتي اجتماع ڪري رهيا آهن۔

هوڏانهن عراق جي گادي واري شهر بغداد ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا رپورٽ ٿيا آهن۔ مظاهرين گرين زون ڏانهن مارچ ڪيو ۽ آمريڪي سفارتخاني ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپون ٿيڻ جون به اطلاع آهن۔

بهرحال، انهن دعوائن جي آزاد ذريعن کان مڪمل تصديق اڃا سامهون ناهي آئي، جڏهن ته خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو