لنڊن (ويب ڊيسڪ): برطانيه آمريڪا کي ايران خلاف ڪارروائين لاءِ پنهنجا فوجي اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، پر واضح ڪيو ويو آهي ته برطانيه سڌي فوجي حملن ۾ حصو نه وٺندو.
برطانوي وزيراعظم Keir Starmer چيو ته آمريڪا جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته برطانوي فوجي ڪارروائي صرف دفاعي تعاون تائين محدود رهندي. هن زور ڏنو ته برطانيه جو مقصد علائقي ۾ استحڪام ۽ پنهنجي اتحادي ملڪن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ آهي.
هوڏانهن فرانس، جرمني ۽ برطانيه گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ضروري ٿيو ته ايران جي ميزائل ۽ ڊرون صلاحيتن خلاف قدم کنيا ويندا. مبصرن موجب هن فيصلي سان وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته سفارتي رابطا به تيز ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.
