ڪويت (ويب ڊيسڪ): ڪويت جي وزارت دفاع چيو آهي ته ڪويت ۾ ڪيترائي آمريڪي جهاز ڪري پيا، جڏهن ته جهازن ۾ سوار عملو محفوظ رهيو. اسرائيلي اخبارن جي رپورٽ موجب هڪ F-15 جٽ جهاز پنهنجي ئي فوجي حملي ۾ غلط سڃاڻپ سبب مارجي ويو.
وزارت دفاع جي بيان مطابق، حادثو آسمان تي علي السالم بيز جي ويجهو ٿيو، جنهن جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي پڻ گردش ڪئي وئي هئي.
غیر ملڪي ذرائع موجب، جهاز جو پائلٽ بروقت طيارو ڇڏي (ايجیکٽ) ڪري محفوظ رهي ويو، ۽ اهو حادثو “فرينڊلي فائر” جي صورت ۾ پيش آيو. جڏهن ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ يا پينٽاگون پاران سرڪاري تصديق اڃا تائين جاري نه ڪئي وئي آهي.
بحرين ۾ آمريڪي سفارتخاني جي وارننگ
بحرين ۾ آمريڪي شهرين لاءِ آمريڪي سفارتخاني وارننگ جاري ڪئي آهي. شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو منامہ جي هوٽلن کان پاسو ڪن، ڇاڪاڻ ته آمريڪي شهرين کي نشانو بڻايو وڃي سگهي ٿو.
ماهرن موجب، وچ اوڀر ۾ فوجي سرگرميون وڌڻ سبب علائقي ۾ غير يقيني صورتحال وڌي رهي آهي، ۽ عالمي طاقتون خطي تي نظر رکڻ ۾ سرگرم آهن.
