ایمریٹس ایئرلائن مشرق وسطیٰ جي صورتحال ۾ خاص پروازون شروع ڪيون، 9,500 کان وڌيڪ پروازون منسوخ

مشرق وسطیٰ ۾ وڌندڙ بحران سبب ايئرپورٽس تي ڦاٿل مسافرن جي سهولت لاءِ ایمریٹس ایئرلائن خاص پروازون شروع ڪيون آهن۔ايئرلائن دبئي کان جده، مانچسٽر، لنڊن، پيرس ۽ فرينڪفرٽ ڏانهن پنج خاص پروازون روانو ڪيون آهن۔ اڳ ۾ بُڪنگ ڪندڙ مسافرن کي ترجيح ڏني ويندي ۽ محدود نشستن لاءِ ايئرلائن پاڻ مسافرن سان رابطو ڪندي۔مسافرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته جيسين انهن کي پرواز جون حتمي تفصيلون نه ملن، ايئرپورٽ نه وڃن۔ مشرق وسطیٰ جي ست وڏن ايئرپورٽس (دبئي، دوحہ، شارجہ، ابوظبي، بحرین، کویت ۽ المڪتوم) تي هينئر تائين تقريباً 9,500 کان وڌيڪ پروازون منسوخ ٿي چڪيون آهن۔سعودي ايئرلائنز پروازن جي منسوخي جي مدت 4 مارچ تائين وڌائي آهي۔ پشاور، عمان، کویت، دبئي، ابوظبي، دوحہ، بحرین ۽ ماسڪو ڏانهن پروازون اڃا به معطل آهن۔ پاڪستان کان اڄ 106 پروازون منسوخ ٿي چڪيون آهن۔ابوظبي ۾ پاڪستاني سفارتخانو ٽرانزٽ ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي مدد لاءِ ايمرجنسي قدمن تي عمل ڪري رهيو آهي ۽ شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته مخصوص فارم ڀري پنهنجون تفصيلون مهيا ڪن ته جيئن انهن جي مدد ٿي سگهي۔

پنھنجي راءِ لکو