آيت الله خامنه اي جي شهادت کان اڳ آخري لفظ: “جيڪڏهن منهنجي قوم لاءِ محفوظ هنڌ آهي ته پوءِ مان به بنڪر ۾ ويندس، نه ته ڪٿي به نه ويندس” — شاگرد جو انڪشاف

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن ۾ شهيد ٿيل ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي پنهنجي شهادت کان اڳ قوم لاءِ وڏي قرباني جو مثال قائم ڪيو۔

سندس شاگرد ۽ خانه فرھنگ ايران ڪراچي جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر طالبي نيا هڪ مقامي خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ٻڌايو ته آيت الله خامنه اي سادو زندگي گذاريندا هئا ۽ پنهنجي گهرڀاتين سان ننڍي گهر ۾ رهندا هئا۔ جڏهن سيڪيورٽي خطري سبب کين بنڪر ۾ منتقل ٿيڻ جو چيو ويو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو۔

ڊاڪٽر طالبي نيا موجب، خامنه اي چيو:
“جيڪڏهن منهنجي سڄي قوم لاءِ اهڙو محفوظ هنڌ موجود آهي ته پوءِ مان به بنڪر ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهيان، نه ته مان ڪٿي به نه ويندس.”

سندس شاگرد موجب آيت الله خامنه اي کي پاڪستان سان به خاص محبت هئي ۽ هو ايران کان پوءِ پاڪستان جي ماڻهن لاءِ به احترام ۽ جذبا رکندا هئا۔

تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته خامنه اي جو هي موقف سندن قيادت، بهادري ۽ عوام سان وابستگي جو عڪاس آهي۔ وڌيڪ تفصيل سامهون اچڻ تي خبر اپڊيٽ ڪئي ويندي۔

پنھنجي راءِ لکو