سپريم ليڊر ايران جي شهادت تي سيد نويد قمر جي ايراني سفارتخاني ۾ حاضري، پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) — سيد نويد قمر اسلام آباد ۾ قائم ايراني سفارتخاني جو دورو ڪري ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي سميت ٻين شهيدن جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي۔

قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ چيو ته هي سانحو نه رڳو ايران پر پوري امت مسلمه لاءِ وڏو صدمو آهي۔

ايراني سفارتخاني ۾ شهيدن جي ياد ۾ تعزيتي ڪتاب رکيو ويو هو، جتي سيد نويد قمر پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا ۽ ايراني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو۔

هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا موجود آهن، جيڪي هر آزمائش ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن۔ هن خطي ۾ امن، استحڪام ۽ باهمي احترام جي اهميت تي زور ڏنو۔

سيد نويد قمر بين الاقوامي قانونن جي پاسداري، خودمختياري جي احترام ۽ تڪرارن جي پُرامن حل جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ۽ شهيدن جي بلند درجات ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي۔

پنھنجي راءِ لکو