ايران خلاف گڏيل فوجي ڪارروائي کانپوءِ آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ اهم تڪرار سامهون اچي ويو آهي۔پرڏيهي خبر ايجنسي ايگزيئوس (Axios) جي رپورٽ موجب ايران ۾ آئل ريفائنريز ۽ ايندھن جي ذخيرن تي اسرائيلي حملن سبب آمريڪا ناراض ٿي ويو آهي۔آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته انهن کي توقع نه هئي ته اسرائيل ايران جي تيل تنصيبات کي نشانو بڻائيندو۔ واشنگٽن کي خدشو آهي ته اهڙن حملن سبب عالمي سطح تي تيل جون قيمتون وڌيڪ وڌي سگهن ٿيون۔رپورٽ موجب هي اختلاف ايترو سنجيده آهي جو ان کي هاڻي اعليٰ سياسي سطح تي حل ڪرڻ جو امڪان آهي۔ آمريڪا ۽ سرائيل وچ ۾ رابطا جاري آهن ته جيئن هن معاملي کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪيو وڃي ۽ مستقبل جي فوجي حڪمت عملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪئي وڃي۔ٻئي پاسي ايران اڳ ئي خبردار ڪري چڪو آهي ته جيڪڏهن جنگ وڌيڪ وڌي وئي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 200 ڊالر في بيرل تائين پهچي سگهي ٿي۔آمريڪا کي خدشو آهي ته تيل جي تنصيبات تي حملا خطي ۾ خوف ۽ غير يقيني صورتحال پيدا ڪندا، جنهن جا عالمي معيشت تي منفي اثر پئجي سگهن ٿا۔
