پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ وڏو اضافو، علائقي جي ٻين ملڪن ۾ معمولي تبديلي

اسلام آباد: وچ اوڀر ۾ جاري تازي جنگي صورتحال ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ کان پوءِ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ڪيو ويو آهي۔حڪومت طرفان گذريل ڏينهن پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت هڪ ئي رات ۾ 55 رپيا في ليٽر وڌائي وئي، جنهن سبب عوام تي مهانگائي جو وڌيڪ بار پئجي ويو آهي۔ٻئي طرف جيڪڏهن علائقي جي ٻين ملڪن جو جائزو وٺجي ته اتي اهڙي وڏي واڌ نظر نٿي اچي۔ ڀارت، بنگلاديش ۽ سري لنڪا ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ يا ته معمولي تبديلي آندي وئي آهي يا قيمتون لڳ ڀڳ برقرار رکيو ويون آهن۔ماهرن جو چوڻ آهي ته مختلف ملڪن جي پاليسين، ٽيڪسن ۽ سبسڊي نظام جي ڪري قيمتن ۾ فرق ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ٿيل وڏو اضافو علائقي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ نمايان نظر اچي ٿو۔

پنھنجي راءِ لکو