اسڪولن جي موڪلن ۾ گهٽتائي جي تجويز تي غور، هفتيوار موڪلون ختم ڪرڻ جي صلاح

اسڪولن جي موڪلن ۾ گهٽتائي جي تجويز تي غور، هفتيوار موڪلون ختم ڪرڻ جي صلاح

لاهور: پنجاب جي تعليم کاتي شاگردن جي تعليمي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ نصاب کي وقت تي مڪمل ڪرائڻ لاءِ اسڪولن جي موڪلن ۾ گهٽتائي جي تجويز تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي۔تفصيل موجب پرائيويٽ اسڪولن پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته ايندڙ تعليمي سال دوران هفتيوار موڪلون ختم يا گهٽ ڪيون وڃن ته جيئن تعليمي ڪيلينڊر کي گهٽ ۾ گهٽ 180 ڏينهن تائين وڌائي سگهجي۔پاڪستان ايجوڪيشن فورم جي سربراهه قاضي نعيم انجم تجويز ڏني آهي ته اونهاري جون موڪلون صرف ٻه مهينا ڪيون وڃن، جڏهن ته جنوري ۾ ٿيندڙ سياري جون موڪلون 10 ڏينهن تائين محدود ڪيون وڃن۔قاضي نعيم انجم موجب گذريل سال غير اعلانيل موڪلن سبب رڳو 127 ڏينهن تعليمي سرگرميون جاري رهيون، جنهن ڪري نصاب مڪمل ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش آيون۔هن وڌيڪ چيو ته نصاب جي بهتر ڪوريج لاءِ موڪلن دوران سمر ڪيمپس متعارف ڪرائڻ گهرجن ته جيئن شاگردن کي وڌيڪ سکيا جا موقعا ملي سگهن۔واضح رهي ته وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ هنگامي صورتحال سبب پنجاب حڪومت اڳ ئي صوبي ڀر جي سرڪاري ۽ نجي اسڪولن کي 10 مارچ کان 31 مارچ تائين بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪي آهي۔تعليم کاتي اسڪولن کي يقين ڏياريو آهي ته سندن تجويزن تي سنجيدگي سان غور ڪيو ويندو ۽ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ ممڪن قدم کنيا ويندا۔

پنھنجي راءِ لکو