وزيراعظم ۽ ايم ڪيو ايم ملاقات، 28هين آئيني ترميم تي اڳڀرائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) – شہباز شریف ۽ متحدہ قومی موومنٹ (ايم ڪيو ايم) جي وفد وچ ۾ ٿيل اهم ملاقات جون تفصيلون سامهون اچي ويون آهن۔

ذريعن موجب ايم ڪيو ايم وفد مقامي حڪومتن بابت 28هين آئيني ترميم جلد آڻڻ ۽ ان سلسلي ۾ سمورين سياسي جماعتن سان صلاح مشورو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو۔ وفد جو چوڻ هو ته خطي جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي ايم ڪيو ايم جي تجويز ڪيل آئيني ترميم وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪي آهي ۽ ان کي 28هين ترميم ۾ شامل ڪيو وڃي۔

وزيراعظم شهباز شريف مطالبن کي جائز قرار ڏيندي ايندڙ هفتي ٻي ملاقات تي اتفاق ڪيو۔

ذريعن مطابق وزيراعظم نہال ہاشمی کي هدايت ڪئي ته صوبي ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪا به شڪايت نه هئڻ گهرجي۔ ملاقات دوران ايم ڪيو ايم شڪايت ڪئي ته اتحادي جماعت هئڻ باوجود اهم فيصلن ۾ اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي، جنهن تي وزيراعظم هر اهم قدم تي ساٿ ڏيڻ جي يقين دهاني ڪرائي۔

وفد ڪراچي پيڪيج تي ڪم تيز ڪرڻ جي به درخواست ڪئي ۽ چيو ته شهر ۾ امن امان ۽ انفراسٽرڪچر جي صورتحال انتهائي خراب آهي۔

ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ گورنر جي تبديلي کي وزيراعظم سياسي فيصلو قرار ڏنو ۽ کامران ٹیسوری کي بطور گورنر فعال شخصيت قرار ڏنو۔

پنھنجي راءِ لکو