ڪراچي (ويب ڊيسڪ) – ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري ڀرسان 100 ڪوارٽر واري علائقي ۾ حيرت انگيز واقعو پيش آيو، جتي گهريلو نااتفاقي کان تنگ هڪ شهري بجلي جي هاءِ ٽينشن پول تي چڙهي ويو۔
پوليس موجب واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته هاءِ ٽينشن پول جي اوچائي لڳ ڀڳ 100 کان 150 فٽ ٻڌائي پئي وڃي۔ اطلاع ملندي ئي ریسکیو 1122 جون ٽيمون ۽ لاڳاپيل عملو فوري طور موقعي تي پهچي ويو۔
ريسڪيو اختيارين موجب هاءِ ٽينشن لائن تي چڙهندڙ شخص جي سڃاڻپ رحيم طور ٿي آهي، جيڪو مبينا طور نشي جي حالت ۾ هو۔ اختيارين جو چوڻ آهي ته نشي جي حالت سبب هن پنهنجي حياتي کي سخت خطري ۾ وجهي ڇڏيو۔
ريسڪيو ٽيمن شهري کي محفوظ طريقي سان هيٺ آڻڻ جون تياريون ڪيون، پر ان دوران رحيم پاڻ ئي هيٺ لهي آيو، جنهن کان پوءِ اهلڪارن کيس حفاظتي طريقي سان سنڀالي ورتو۔
ریسکیو 1122 رحيم کي وڌيڪ جاچ ۽ قانوني ڪارروائي لاءِ ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي۔
