ايراني سيڪيورٽي فورسز آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام ۾ ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔ايراني ميڊيا موجب ٻنهي ڄڻن کي آذربائيجان صوبي جي علائقي اوسڪو مان گرفتار ڪيو ويو آهي۔ رپورٽن مطابق گرفتار ماڻهن اهم هنڌن بابت معلومات ڏيڻ جي بدلي ڪرپٽو ڪرنسي حاصل ڪئي۔ايراني ميڊيا موجب گرفتار ٿيل ماڻهن کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ عدالتي اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي۔ان کان اڳ ايراني عدليه ٻڌايو هو ته سرڪاري عمارت تي حملي ۾ ملوث ٻن ماڻهن کي سزائے موت ڏني وئي آهي۔ عدليه موجب اهي ماڻهو هڪ پابندي مڙهيل تنظيم سان لاڳاپيل هئا۔
