اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) : حڪومت موٽر سائيڪل سبسڊي لاءِ خاص موبائل ايپ لانچ ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت ادائيگيون اڄ کان شروع ٿي رهيون آهن۔
تفصيل مطابق نائب وزيراعظم اسحاق ڈار جي صدارت هيٺ فيول سبسڊي اسڪيم تي نيشنل اسٽيرنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ ٽي ۽ پيٽروليم جا اعليٰ آفيسر ۽ سڀني صوبي جي چيف سيڪريٽريز حصو ورتو۔
اجلاس ۾ موٽر سائيڪل سوارن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ زراعت جي شعبن سان وابسته ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا۔ اعلاميه موجب موٽر سائيڪل سوار پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ درج ڪري ايپ تي اهل هجڻ جي تصديق ڪري سگهن ٿا۔
ابتدائي مرحلي ۾ صرف 70 سي سي موٽر سائيڪل ۽ رڪشائون سبسڊي لاءِ اهل هونديون، جڏهن ته 70 سي سي کان وڌيڪ موٽر سائيڪلون اسڪيم ۾ شامل نه ٿينديون۔ اهل سوارن کي ماهوار 20 ليٽر پيٽرول تي في ليٽر 100 روپيا سبسڊي ڏني ويندي۔
نائب وزيراعظم حڪام کي هدايت ڪئي آهي ته سبسڊي جو نظام سادو، شفاف ۽ عوام لاءِ آسان بڻايو وڃي ۽ اسڪيم جي ڀرپور تشهير ڪئي وڃي ته جيئن پري پري وارن علائقن جا شهري به هن رليف مان فائدو حاصل ڪري سگهن
