سنڌ حڪومت جو اعلان، عورتن لاءِ پنڪ اسڪوٽيز اسڪيم حيدرآباد تائين وڌائي وئي

سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ سکر کان پوءِ هاڻ حيدرآباد ۾ به عورتن لاءِ پنڪ اسڪوٽيز ورهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سکر ۾ ڪامياب شروعات کان پوءِ هاڻ حيدرآباد جي عورتن کي به هن سهولت مان فائدو ڏنو ويندو۔ هن ٻڌايو ته عورتن کي نه صرف مفت اسڪوٽيز ڏنيون وينديون پر انهن کي ڊرائيونگ لائسنس، هيلمٽ ۽ باقاعده تربيت به فراهم ڪئي ويندي۔

هن چيو ته عورتن کي بااختيار ۽ خوداعتماد بڻائڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ مختلف منصوبا متعارف ڪرايا پيا وڃن۔

شرجيل ميمڻ وڌيڪ ٻڌايو ته سکر ۽ شڪارپور کان پوءِ پيپلز بس سروس جي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ وڌايو پيو وڃي۔ هن اعلان ڪيو ته خيرپور کان روهڙي ۽ خيرپور کان راڻيپور روٽس تي به جلد پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي۔

ان کان علاوه حيدرآباد ۾ ڪوهسار، حيدر چوڪ ۽ حيدرآباد کان ٽنڊوالهيار تائين به جلد پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي۔

سينيئر وزير موجب انهن منصوبن جو مقصد عوام کي سستي، بهتر، ۽ آرامده سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، جڏهن ته خاص طور تي عورتن، نوجوانن ۽ پورهيت طبقي کي سڌو سنئون فائدو پهچائڻ آهي۔

پنھنجي راءِ لکو