تهران: ايراني سرڪاري ميڊيا چيو آهي ته ايران جو فجيره ۾ آئل فيسلٽي تي حملي جو ڪو به ارادو نه هو ۽ نه ئي گڏيل عرب امارات کي نشانو بڻائڻ جو ڪو منصوبو تيار ڪيو ويو هو۔سرڪاري ميڊيا موجب سينيئر فوجي عملدارن جو چوڻ آهي ته ايران يو اي اي تي حملي جو خواهشمند ناهي، پر خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن گڏيل عرب امارات ڪو به غير سنجيده قدم کنيو ته ان جا مفاد نشانو بڻائي سگهجن ٿا۔ عملدارن وڌيڪ چيو ته يو اي اي کي پنهنجي سيڪيورٽي جي ڪمزورين جو پورو اندازو آهي۔ايراني عملدارن فجيره واقعي کي آمريڪي مهم جوئي جو نتيجو قرار ڏيندي چيو ته آمريڪا آبنائي هرمز ۾ غير قانوني رستو قائم ڪيو، جنهن سبب اهو واقعو پيش آيو۔ سينيئر فوجي عملدارن موجب ان واقعي جو ذميوار آمريڪا آهي۔ٻئي طرف اماراتي وزارت دفاع موجب 4 مئي تي 12 بيلسٽڪ ميزائل، 3 ڪروز ميزائل ۽ 4 ڊرون تباهه ڪيا ويا۔ساڳئي وقت سعودي ولي عهد محمد بن سلمان اماراتي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري امارات تي مبينا ايراني حملن جي مذمت ڪئي ۽ مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو۔ سعودي پرڏيهي وزارت موجب ٻنهي اڳواڻن علائقائي صورتحال تي ڳالهايو۔قطري پرڏيهي وزارت مطابق امير قطر پڻ يو اي اي جي صدر سان رابطو ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ سلامتي لاءِ مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو۔
