ايف آءِ اي جي 1394 نوڪرين لاءِ درخواستن جي آخري تاريخ ۾ واڌ

اسلام آباد: فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) 1394 آسامين تي ڀرتي لاءِ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ هفتي جي واڌ ڪري ڇڏي آهي۔
تفصيل موجب ايف آءِ اي جي ڀرتي مهم لاءِ اڳ ۾ درخواستون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 4 مئي مقرر هئي، جيڪا هاڻي وڌائي 11 مئي 2026 ڪئي وئي آهي۔
وزارت داخلا پاڪستان جي جاري ڪيل سرڪاري نوٽيفڪيشن مطابق اميدوار هاڻي نئين مقرر ڪيل تاريخ تائين پنهنجون درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا۔
ياد رهي ته هي ڀرتي سڄي ملڪ ۾ 1394 آسامين لاءِ ڪئي پئي وڃي، جنهن جو اشتهار 19 اپريل تي جاري ڪيو ويو هو۔

پنھنجي راءِ لکو