ڪراچي: صوماليا جي سامونڊي قزاقن پاران يرغمال بڻايل بحري جهاز ‘اونر 25’ جي عملي جي بحفاظت واپسي جون اميدون وڌي ويون آهن۔تفصيل موجب انساني حقن جي اڳواڻ انصار برني قزاقن جي قبضي ۾ موجود پاڪستانين جي انهن جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي، جڏهن ته قزاقن يرغمال ماڻهن جي نئين تصوير پڻ جاري ڪئي آهي۔جاري ڪيل تصوير ۾ سڀئي پاڪستاني هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ محفوظ ويٺل نظر اچن ٿا۔ انصار برني ٻڌايو ته 14 ڏينهن کان قيد ماڻهن مان ڪجهه جي طبيعت خراب آهي۔هن چيو ته صومالي قزاق حڪومت سان رابطو ڪرڻ چاهين ٿا پر اڃا تائين اهو ممڪن نه ٿي سگهيو آهي۔ هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جهاز جي مالڪ تعاون نه ڪيو ته کيس عالمي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو۔انصار برني موجب اڃا تائين قزاقن طرفان ڪا به گهرج سامهون ناهي آئي، جڏهن ته يرغمال ماڻهن ۾ هڪ ڀارتي شهري به شامل آهي جنهن کي ڀارت سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني حڪومت ساٿ ڏئي ته هڪ مهيني اندر سڀني عملي جي بحفاظت واپسي ممڪن بڻائي سگهجي ٿي۔
