شهدادپور: اڻڄاتل چور عدت ۾ ويٺل بيوه عورت جي ڪنن مان سونيون واليون لاهي گهٽا ڏئي قتل ڪري فرار

شهدادپور ڀرسان ڳوٺ شير خان لغاري ۾ اڻڄاتل چور گهر ۾ داخل ٿي ستن ٻارن جي ماءُ ۽ عدت ۾ ويٺل پيرسن عورت کي مبينا طور گهٽا ڏئي قتل ڪري فرار ٿي ويا۔
اطلاعن موجب 65 ورهين جي حميده سولنگي گهر ڀاتين سان گڏ ستل هئي ته رات دير سان نامعلوم جوابدار گهر ۾ داخل ٿيا ۽ سندس ڪنن ۾ پاتل تقريبن ٻن تولن جون 8 سونيون واليون لاٿيون۔ جوابدار مبينا طور عورت کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا۔
واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاءِ سِمس اسپتال منتقل ڪيو۔
مقتولا جي پٽ ياسين سولنگي ٻڌايو ته سندس والد هاشم سولنگي 20 ڏينهن اڳ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو هو، جنهن بعد سندس ماءُ عدت ۾ هئي۔ هن چيو ته نامعلوم ماڻهو گهر ۾ داخل ٿي زيور ڦر ڪرڻ بعد سندس ماءُ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا۔
رابطو ڪرڻ تي جٽيا پوليس پوسٽ جي انچارج وهاب بروهي ٻڌايو ته پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ ڪوششون جاري آهن۔

پنھنجي راءِ لکو