معرڪه حق جي پهرين سالگرهه: پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه کي ڀيٽا پيش

: معرڪه حق جي پهرين سالگرهه جي موقعي تي پاڪ فوج، خاص طور پاڪ فضائيه کي قومي دفاع جي تاريخي ۽ فيصلائتي ڪاميابي تي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي۔

انٽر سروسز پبلڪ رليشنز پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معرڪه حق قومي اعتماد کي نئين سگهه ڏني، اداري جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ۽ پاڪ فضائيه جي جديد جنگي تيارين کي دنيا آڏو ثابت ڪيو۔

بيان موجب پاڪ فضائيه جديد ٽيڪنالاجي، اسمارٽ سسٽمز ۽ جديد جنگي صلاحيتن ذريعي مستقبل جي هڪ مضبوط فضائي قوت طور اڀري رهي آهي۔ ملٽي ڊومين آپريشنز ۾ مهارت پاڪ فضائيه کي جديد فضائي جنگ جي گهرجن مطابق هڪ اثرائتي ۽ فيصلائتي فورس بڻائي ڇڏيو آهي۔

آءِ ايس پي آر موجب معرڪه حق دوران ڪيل آپريشنز فضائي جنگ جي تاريخ ۾ منفرد، غيرمعمولي ۽ اعليٰ پيشاوراڻي مهارت جو مثال هئا، جڏهن ته انهن ڪاميابين قوم جي اعتماد، حوصلي ۽ حب الوطني جي جذبي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو۔

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ ان جون هٿياربند فوجون ذميواراڻي ۽ مضبوط حڪمت عملي واري سوچ رکن ٿيون۔ پاڪ فوج جي هر تياري ۽ صلاحيت جو مقصد خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ آهي۔

آءِ ايس پي آر واضح ڪيو ته پاڪ فوج خطي جي بدلجندڙ جيوپوليٽيڪل صورتحال ۽ دشمن جي عسڪري تيارين کان مڪمل طور آگاهه آهي، جڏهن ته مستقبل جي چيلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، پيشاوراڻي مهارت ۽ دفاعي صلاحيتن ۾ مسلسل سيڙپڪاري جاري آهي۔

بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان خلاف ڪنهن به جارحيت يا دشمنانا عزائم جو جواب اڳ کان وڌيڪ طاقت، درستگي ۽ عزم سان ڏنو ويندو۔

آءِ ايس پي آر موجب پوري قوم پاڪ فضائيه جي آفيسرن، جوانن ۽ اهلڪارن کي انهن جي پيشاوراڻي مهارت، قرباني ۽ تاريخي دفاعي ڪردار تي سلام پيش ڪري ٿي۔

بيان جي آخر ۾ چيو ويو ته پاڪ فضائيه پنهنجي پيشاوراڻي برتري، جديد جنگي صلاحيت ۽ غيرمتزلزل عزم سبب دنيا جي بهترين فضائي فوجن ۾ نمايان مقام رکي ٿي ۽ هميشه “Second to None” رهندي

پنھنجي راءِ لکو