ڪراچي جي علائقي سولجر بازار نمبر 2 ويجهو ڦر دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ واٽهڙو عورت فوت ٿي وئي۔پوليس موجب 57 ورهين جي ياسمين نالي عورت ان وقت گولي جو نشانو بڻي جڏهن جوابدار ڦر بعد فرار ٿي رهيا هئا۔ هٿياربندن فرار ٿيندي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي زد ۾ اچي عورت سخت زخمي ٿي پئي۔زخمي عورت کي فوري طبي امداد لاءِ سول اسپتالمنتقل ڪيو ويو، پر هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي
پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا جاري آهي۔
