اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ايل اين جي لميٽيڊ ملڪ ۾ گيس جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هلندڙ مهيني دوران 2 اسپاٽ ايل اين جي ڪارگوز جي خريداري لاءِ عالمي سپلائرز کان بوليون طلب ڪري ورتيون آهن۔ذريعن موجب پي ايل ايل طرفان جاري ڪيل ٽينڊر ۾ پهريون ايل اين جي ڪارگو 12 کان 16 مئي جڏهن ته ٻيو 24 کان 28 مئي دوران فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي۔اختيارين موجب عالمي سپلائرز لاءِ بوليون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 11 مئي مقرر ڪئي وئي آهي، جنهن بعد موصول ٿيندڙ آڇن جو جائزو ورتو ويندو۔پي ايل ايل اهو ٽينڊر ملڪ ۾ گيس جي طلب ۽ فراهمي ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ جاري ڪيو آهي ته جيئن صارفين کي بنا رڪاوٽ گيس فراهمي يقيني بڻائي سگهجي۔واضح رهي ته ان کان اڳ به ٻه اسپاٽ ايل اين جي ڪارگوز جي خريداري لاءِ بوليون طلب ڪيون ويون هيون، پر بعد ۾ انهن کي منسوخ ڪيو ويو هو۔ ذريعن موجب بوليون منسوخ ڪرڻ جو سبب قطر کان ايل اين جي فراهمي بحال ٿيڻ جي اميد هئي۔
