ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوري ۾ خطرناڪ اضافو، اي وي ايل سي رپورٽ ڳڻتي جوڳي صورتحال ظاهر ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ڪراچي پوليس جي اينٽي وھيڪل لفٽنگ سيل Anti Vehicle Lifting Cell جي تازي رپورٽ موجب شهر ۾ موٽرسائيڪل چوري ۽ ڦر جي وارداتن ۾ خطرناڪ اضافو سامهون آيو آهي۔رپورٽ مطابق ڪراچي ۾ روزانو 114 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون چوري يا ڦري پيون وڃن، جڏهن ته انهن جي مقابلي ۾ صرف 7 کان به گهٽ موٽرسائيڪلون واپس هٿ اچي رهيون آهن۔چار مهينن دوران مجموعي طور تي 13 هزار 758 موٽرسائيڪلون چوري يا ڦر ٿيون، جڏهن ته صرف 794 موٽرسائيڪلون برآمد ٿي سگهيون آهن۔مهينن وار انگن موجب:جنوري: 3731 وارداتونفيبروري: 3406 وارداتونمارچ: 3537 وارداتوناپريل: 3084 وارداتونرپورٽ موجب جيڪڏهن هڪ موٽرسائيڪل جي اوسط قيمت 50 هزار رپيا لڳائي وڃي ته شهرين کي لڳ ڀڳ 68 ڪروڙ 79 لک رپين جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته برآمد ٿيل موٽرسائيڪلن جي ماليت صرف 3 ڪروڙ 7 لک رپيا ٻڌائي وئي آهي۔ٻئي طرف Citizens-Police Liaison Committee پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب اپريل مهيني ۾ به ڏوهن جي شرح بلند رهي:22 گاڏيون ڦري ويون111 گاڏيون چوري ٿيون469 موٽرسائيڪلون هٿيارن جي زور تي ڦري ويون2723 موٽرسائيڪلون چوري ٿيون1624 موبائل فون ڦريا ويا9 ڀتا خوري ۽ 1 اغوا براءِ تاوان جو ڪيس رپورٽ ٿيوفائرنگ ۽ پرتشدد واقعن ۾ 42 شهري مارجي ويارپورٽ مطابق اهي انگ اکر ڪراچي ۾ وڌندڙ ڏوهن جي صورتحال کي ظاهر ڪن ٿا ۽ پوليس جي ڪارڪردگي تي به سوال اٿاري رهيا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو