اسلام آباد: سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) اسلامي معيشت ۽ حلال سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ اهم قدم کڻندي 5 سيڪيورٽيز بروڪرز کي اسلامي بروڪريج ونڊوز کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔ايس اي سي پي موجب هاڻي سيڙپڪار اسلامي بروڪريج ونڊوز ذريعي سڌي طرح شريعت مطابق شيئرز، سڪوڪ ۽ اسلامي اي ٽي ايف ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهندا۔ڪميشن جو چوڻ آهي ته هن اقدام سان حلال سيڙپڪاري کي هٿي ملندي، جڏهن ته اسلامي بروڪريج ونڊوز ۾ اڪائونٽ رکندڙ سيڙپڪارن جا فنڊ صرف شريعت مطابق سيڙپڪاري ۾ استعمال ڪيا ويندا۔ايس اي سي پي مطابق اسلامي ونڊوز لاءِ الڳ اسلامي بينڪ اڪائونٽس ۽ جديد ٽريڊنگ سسٽمز استعمال ڪيا ويندا، جڏهن ته انهن پليٽ فارمن ذريعي صرف شريعت مطابق ڪمپنين ۾ ئي ٽريڊنگ ۽ سيڙپڪاري ٿيندي۔ڪميشن موجب ملڪ ۾ اسلامي مالي نظام جي ترقي ۽ سيڙپڪارن کي شريعت مطابق مالي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ لاڳيتو سڌارا ۽ قدم کنيا پيا وڃن۔
