اي پروٽيڪٽر سرٽيفڪيٽ لازمي ناهي، سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهون بي بنياد قرار

اسلام آباد: سوشل ميڊيا تي ڪجهه عنصرن پاران آن لائن پروٽيڪٽر (اي-پروٽيڪٽر) سرٽيفڪيٽ بابت غلط، گمراهه ڪندڙ ۽ بي بنياد افواهون ڦهلايون پيون وڃن، جن بابت بروقت وضاحت کي عوامي مفاد لاءِ ضروري قرار ڏنو ويو آهي۔لاڳاپيل اختيارين موجب پرڏيهه ۾ نوڪري لاءِ آن لائن پروٽيڪٽر (اي-پروٽيڪٽر) ڪا لازمي شرط ناهي، بلڪه اها رڳو هڪ سهولت آهي، جنهن جو مقصد شهرين کي گهر ويٺي پروٽيڪٽر جو عمل مڪمل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪرڻ ۽ غير ضروري مشڪلاتن کان بچائڻ آهي۔اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪي ماڻهو آن لائن پروٽيڪٽر جي سهولت استعمال ڪن ٿا، انهن کي اي ميل ذريعي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته رايتي طريقي سان پڻ پروٽيڪٽر جو عمل مڪمل ڪري سگهجي ٿو۔عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته سوشل ميڊيا تي هلندڙ غير تصديق ٿيل معلومات تي ڀروسو نه ڪن ۽ صرف سرڪاري ذريعن مان جاري ڪيل هدايتن تي عمل ڪن۔

پنھنجي راءِ لکو