اسلام آباد: پاڪستان ۾ حياتي بچائيندڙ دوا انسولين جي مقامي تياري بابت اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي روسي دواساز ڪمپني “زاؤڊ ميڊسنٽ” پاڪستان ۾ انسولين ٺاهڻ واري فيڪٽري قائم ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي منتقل ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي۔ريعن موجب روسي ڪمپني پاڪستاني اداري “جينيٽڪس فارما” سان گڏجي گڏيل منصوبي تحت ڪم شروع ڪندي، جنهن لاءِ مجموعي طور 80 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي ويندي۔نصوبي جي پهرين مرحلي ۾ ڊسمبر 2028 تائين 20 ملين ڊالرن جي لاڳت سان انسولين فلنگ ۽ بايولاجيڪل يونٽس قائم ڪيا ويندا، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ڊسمبر 2031 تائين وڌيڪ 60 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري سان انسولين جي مڪمل تياري ۽ خام مال تيار ڪرڻ وارو پلانٽ لڳايو ويندو۔ذريعن جو چوڻ آهي ته هن منصوبي تحت نه صرف انسولين پر ان جو خام مال پڻ پاڪستان ۾ تيار ڪيو ويندو، جنهن سان درآمدن تي دارومدار گهٽ ٿيندو ۽ ملڪ کي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت حاصل ٿيندي۔روسي ڪمپني ٻئي مرحلي ۾ جديد ٽيڪنالاجي پڻ پاڪستان منتقل ڪندي، جڏهن ته مڪمل پلانٽ جي قيام ۾ 3 کان 5 سال لڳڻ جو امڪان آهي۔ماهرن موجب پاڪستان ۾ شوگر جي مريضن جي وڌندڙ انگ کي نظر ۾ رکندي هي منصوبو انتهائي اهميت رکي ٿو، جنهن سان انسولين جون قيمتون گهٽجڻ، روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيڻ ۽ فارماسيوٽيڪل شعبي ۾ خودڪفالت کي هٿي ملندي۔
