ڪراچي جي مويشي منڊي ۾ 3 ڪروڙ رپين جو ناياب ٻلو سڀني جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويو

ڪراچي: ايشيا جي سڀ کان وڏي مويشي منڊي ۾ عيدالاضحيٰ لاءِ جانورن جي آمد جاري آهي، جتي 3 ڪروڙ رپين ماليت وارو هڪ ناياب ۽ قيمتي ٻلو شهرين جي خاص توجهه جو مرڪز بڻجي ويو آهي۔تفصيل موجب مويشي منڊي ۾ ملڪ جي چئني صوبن مان روزاني بنياد تي ٻلا، اُٺ، دنبا ۽ ٻڪريون وڏي انگ ۾ پهچي رهيون آهن۔ ايڊمنسٽريٽر منڊي طارق تنولي موجب هينئر تائين منڊي ۾ ايندڙ جانورن جو انگ هڪ لک 30 هزار تائين پهچي چڪو آهي۔حب ساڪران سان تعلق رکندڙ هڪ واپاري پاران آندل هي منفرد ٻلو منڊي ۾ “ٽاڪ آف دي ٽائون” بڻجي ويو آهي۔ 3 ڪروڙ رپين جي هن ٻلي کي ڏسڻ لاءِ شهرين جو وڏو هجوم موجود آهي، جڏهن ته واپاري ان کي قدرت جو شاهڪار قرار ڏنو آهي۔ايڊمنسٽريٽر طارق تنولي جو چوڻ آهي ته واپارين ۽ جانورن جي سهولت لاءِ منڊي ۾ 24 ڪلاڪ بنا رڪاوٽ پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي، جڏهن ته هر ننڍي وڏي جانور لاءِ پيئڻ جو پاڻي وڏي مقدار ۾ موجود آهي۔

پنھنجي راءِ لکو