ڀارت جي رياست Uttar Pradesh ۾ آيل شديد طوفان، موسلاڌار برسات ۽ ڳڙن وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي، مختلف حادثن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 89 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن۔رڏيهي ميڊيا موجب طاقتور طوفان سڄي رياست کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو۔ آسماني وڄ ڪرڻ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ درجنين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، جڏهن ته تيز هوائن سبب گهرن ۽ پراڻين ڀتين ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهو ملب هيٺ دٻجي ويا۔روڊن تي بيٺل وڻ ۽ وڏا بل بورڊ گاڏين ۽ راهگيرن تي ڪرڻ سبب پڻ جاني نقصان ٿيو۔ طوفاني هوائن سبب اسٽال ۽ سائن بورڊ به اڏامي سڙڪن تي اچي ڪريا، جنهن ڪري ٽريفڪ جو نظام سخت متاثر ٿيو۔امدادي ٽيمون متاثر علائقن ۾ رليف ڪم جاري رکيو ويٺيون آهن۔ ماهرن موجب ڀارت جي اترين علائقن ۾ مون سون کان اڳ اهڙا شديد طوفان اچڻ معمول جي ڳالهه آهي، پر هاڻوڪي تباهي موسمي تبديلي جي وڌندڙ خطرن کي ظاهر ڪري ٿي۔
