ايندڙ بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ جون تياريون، احسن اقبال

اسلام آباد ۾ وفاقي حڪومت نئين مالي سال 2026-27 جي بجيٽ تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ڪري ڇڏيون آهن۔ وفاقي منصوبابندي واري وزير احسن اقبال ايندڙ بجيٽ جا اهم خد و خال بيان ڪري ڇڏيا آهن۔

هڪ خصوصي انٽرويو دوران احسن اقبال چيو ته حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس جي شرح گهٽائڻ وارين تجويزن تي غور ڪري رهي آهي ته جيئن عوام، خاص طور پگهاردار طبقي کي رليف ڏئي سگهجي۔

هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ان ڳالهه کان مڪمل طور واقف آهن ته موجوده ٽيڪس نظام سبب پگهاردار طبقي تي مالي بار گهڻو وڌي ويو آهي، تنهن ڪري حڪومت ممڪن حد تائين ٽيڪسن ۾ گهٽتائي لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري رهي آهي۔

وفاقي وزير موجب حڪومت جي ڪوشش آهي ته بجيٽ ۾ اهڙا قدم شامل ڪيا وڃن جن سان وچولي ۽ پگهاردار طبقي کي مالي سهولت ملي ۽ معاشي دٻاءُ ۾ گهٽتائي اچي۔

پنھنجي راءِ لکو