اسلام آباد: ايندڙ مالي سال 2026-27 جي بجيٽ تياري دوران آءِ ايم ايف پاڪستان کان صوبائي آمدني ۾ وڌيڪ 400 ارب رپين جي واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي۔ ذريعن موجب وفاقي حڪومت صوبن سان ٽيڪس ۽ نان ٽيڪس آمدني وڌائڻ بابت صلاح مشورا ڪري رهي آهي۔
مشاورتي اجلاس ۾ زرعي آمدني ٽيڪس، پراپرٽي ٽيڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي وڌائڻ تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته سروسز تي سيلز ٽيڪس جو دائرو به وڌائڻ جي تجويز سامهون آئي آهي۔ ذريعن موجب صوبن کي ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح ۾ 0.3 سيڪڙو اضافي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔
