اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدرِ مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان کي معاشي طور مضبوط بڻائي اهڙو ملڪ ٺاهيو ويندو جتي ايندڙ نسلن کي ڪنهن به تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي۔
عوامي اجتماع کي خطاب ڪندي هن چيو ته ماڻهن کي ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي سوچ ۽ جدوجهد کي سمجهائڻ جي ضرورت آهي۔ هن چيو ته اڄ تائين جيڪي به قدم کنيا ويا آهن، اهي 1973ع جي آئين موجب کنيا ويا آهن ۽ سڀني کي گڏجي ملڪ ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو۔
صدر زرداري چيو ته بينظير ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو پاڪستان لاءِ قربانيون ڏنيون۔ هن چيو ته “پاڪستان کپي” جو نعرو ان سوچ تحت لڳايو ويو، ڇو ته پاڪستان آهي ته اسين سڀ آهيون۔
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي تنقيد ڪندي آصف علي زرداري چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن سان زيادتيون ٿي رهيون آهن ۽ انهن خبرن کي دٻايو پيو وڃي۔
هن چيو ته تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان پنهنجي دفاعي صلاحيتن جو مؤثر مظاهرو ڪيو ۽ ڀارت کي واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو۔
صدرِ مملڪت وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي معاشي طور مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جڏهن ته بلوچستان سميت سڀني صوبن جا مسئلا حل ڪري عوام جي ترقي لاءِ قدم کنيا ويندا۔صدر آصف علي زرداري: پاڪستان کي اهڙو بڻائينداسين جو ايندڙ نسلن کي ڪا تڪليف نه ٿئي
