**تهران (14 جولاءِ 2026):** اڳوڻي ايراني صدر محمود احمدي نژاد انهن خبرن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ دعويٰ ڪيو ويو هو ته هو ايران ۾ حڪومت جي تبديلي بابت مبينا اسرائيلي منصوبي جو حصو هئا.رپورٽن موجب هڪ عالمي اخبار دعويٰ ڪيو هو ته اسرائيلي ڳجهي اداري موساد محمود احمدي نژاد کي حڪومت جي تبديلي واري منصوبي لاءِ ڀرتي ڪيو هو ۽ بعد ۾ کين نظر بند ڪيو ويو.تنهن هوندي به احمدي نژاد جي ترجمان انهن دعوائن کي ڪوڙو، بي بنياد ۽ من گهڙت قرار ڏيندي چيو ته اها رپورٽ حقيقتن تي ٻڌل نه آهي، پر هالي ووڊ جي ڪنهن ڪهاڻي جهڙي لڳي ٿي. سندس چوڻ هو ته اهڙي بي بنياد رپورٽ جي ترديد ڪرڻ به ضروري ناهي.ترجمان وڌيڪ چيو ته محمود احمدي نژاد معمول موجب پنهنجي سياسي ۽ سماجي سرگرمين ۾ مصروف آهن ۽ روزاني ذميواريون انجام ڏئي رهيا آهن.
