آءِ ايم ايف جو خدشو: ايران ۽ آمريڪا جي ڇڪتاڻ عالمي تيل جي فراهمي متاثر ڪري سگهي ٿي

(15 جولاءِ 2026): عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) خبردار ڪيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب عالمي تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.رپورٽ موجب آبنائي هرمز ۾ رڪاوٽن سبب روزانو لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ بيرل خام تيل ۽ ريفائنڊ شين جي فراهمي متاثر ٿي. ان دوران سعودي عرب ريڊ سي رستي پائيپ لائين ذريعي تيل موڪليندو رهيو، جڏهن ته گڏيل عرب امارات الفجيره بندرگاهه کي متبادل رستي طور استعمال ڪيو.آءِ ايم ايف موجب اهي متبادل رستا فراهمي جي گهٽتائي جو مڪمل ازالو نه ڪري سگهيا، جنهن سبب خليجي ملڪن ۾ ريفائنڊ شين جي پيداوار به گهٽجي وئي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن بحران دوران ڊيزل ۽ جيٽ فيول سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا، جڏهن ته متاثر علائقو عالمي تيل جي فراهمي جو لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو حصو ڏئي ٿو.آءِ ايم ايف وڌيڪ چيو آهي ته خام تيل جون قيمتون واڌ کان پوءِ 90 کان 100 ڊالر في بيرل جي حد ۾ برقرار رهيون، پر عالمي مارڪيٽ ۾ نون بحرانن کي برداشت ڪرڻ جي گنجائش هاڻي تمام محدود ٿي چڪي آهي.

پنھنجي راءِ لکو