خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ عمران خان کي عدالتن ذريعي آزاد ڪرائينداسين.پريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل آفريدي چيو ته عدالتون انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ آهن ۽ اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي. عمران خان جي آزادي لاءِ عدالتن سان رابطو ڪيو آهي ۽ کيس قانوني طريقي سان آزاد ڪرائينداسين.اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته عمران خان جي صحت بابت ڳڻتي آهي، کيس اسپتال منتقل ڪيو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته عمران خان جا آئيني حق بحال ڪيا وڃن ۽ سندس خاندان توڙي سياسي اڳواڻن کي ساڻس ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.اسد قيصر چيو ته 27 آگسٽ جي احتجاج لاءِ تياريون جاري آهن، جڏهن ته مخالف ڌر جي پارٽين جي اتحاد جو اجلاس پڻ طلب ڪيو پيو وڃي.