وچ آفريقي جمهوريه جي اولهندي علائقي زامبوئي ۾ ڪيمرون جي سرحد ويجهو سون جي کاڻ ڪرڻ سبب خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.ڪيمرون جي سرحدي شهر گاروآ بولائي جي ميئر آدمو عبدون موجب هينئر تائين ملبي مان 107 لاش ڪڍيا ويا آهن.سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته کاڻ واري هنڌ تي هڪ وڏو زميني ٽڪرو اوچتو ماڻهن جي هجوم مٿان ڪري پيو، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو جان بچائڻ لاءِ ڀڄندي نظر آيا.حادثي جي هڪ اکين ڏٺي شاهد مزدور ٻڌايو ته زمين مڪمل طور ڌنسجي وئي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو هيٺ دٻجي ويا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو اڃا تائين ملبي هيٺان دٻيل هجڻ جو خدشو آهي.
ڪيمرون جي اوڀرندي علائقي جي گورنر گريگوري ايمونگو تصديق ڪئي آهي ته فوت ٿيلن مان گهٽ ۾ گهٽ ٽن ماڻهن جو تعلق ڪيمرون سان آهي. انهن جا لاش تدفين لاءِ اباڻي وطن منتقل ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.
مقامي اختيارين ۽ بيبووا جي پبلڪ پراسيڪيوٽر موجب شروعاتي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته کاڻ اندر موجود ڪيترين ئي زيرِ زمين سرنگن جي ڪرڻ سبب هي حادثو پيش آيو.مقامي ميڊيا موجب حادثي جي سببن ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ باقاعده جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته امدادي ڪارروايون جاري آهن ۽ فوتگين ۾ وڌيڪ اضافي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.واضح رهي ته هن علائقي ۾ دستي کاڻ کوٽڻ ڪيترن ئي ماڻهن جي روزگار جو وڏو ذريعو آهي، پر ناقص حفاظتي انتظامن، غير محفوظ کاڻين ۽ برساتن سبب زمين ڪمزور ٿيڻ ڪري اهڙا حادثا اڪثر پيش ايندا رهن ٿا.