ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي فيلڊ مارشل عاصم منير سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن دوران خطي جي موجوده صورتحال ۽ تازين اڳڀراين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ايراني ميڊيا موجب، ڳالهه ٻولهه دوران موجوده صورتحال جي مختلف پاسن جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته سياسي ۽ سفارتي حل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ جاري ڪوششن تي پڻ غور ڪيو ويو.ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ مشاورت ۽ سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.