ڀارتي رياست مدهيه پرديش ۾ آوارا ڪتن جي وڌندڙ تعداد ۽ ڪتن جي چڪڻ جي واقعن کان پريشان شهرين پاران انوکو احتجاج ڪيو ويو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.ڀارتي ميڊيا موجب، ضلعو کنڊوا ۾ ميونسپل ڪارپوريشن طرفان آوارا ڪتن جي نس بندي واري پروگرام ۾ مبينا بي ضابطگين خلاف احتجاج ڪيو ويو. ميونسپل ڪارپوريشن ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ديپڪ راٺوڙ هڪ شخص کي ڪتي جو ماسڪ پارائي عوامي ٻڌڻي ۾ وٺي آيو.پورٽن موجب گذريل چئن سالن دوران کنڊوا ۾ ڪتن جي چڪڻ جا 13 هزار 225 واقعا رپورٽ ٿيا آهن.
مخالف ڌر جي اڳواڻ الزام لڳايو ته ميونسپل ڪارپوريشن آوارا ڪتن جي نس بندي مهم تي 40 لک رپين کان وڌيڪ رقم خرچ ڪئي، پر ان باوجود آوارا ڪتن جي تعداد گهٽجڻ بدران وڌي رهي آهي.هن دعويٰ ڪئي ته مبينا طور جنهن ڪتي جي نس بندي ڪئي وئي هئي، ان کان پوءِ ان جا 6 ٻچا پيدا ٿيا، جنهن سان مهم جي ڪارڪردگي ۽ عملدرآمد تي سوال اٿن ٿا.احتجاج دوران ڪتي جو ماسڪ پاتل شخص ميونسپل ڪارپوريشن جي گيٽ تي پهتو ته پوليس کيس اندر وڃڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اختيارين جي مداخلت کان پوءِ کيس اندر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.
خالف ڌر جي اڳواڻ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ مجسٽريٽ ڪاشي رام بدولي کي يادداشت پڻ پيش ڪئي، جنهن ۾ فنڊن جي استعمال، ٽينڊر جي عمل ۽ زميني حقيقتن جي جامع جاچ جو مطالبو ڪيو ويو.هن مبينا بي ضابطگين ۾ ملوث اختيارين يا ٺيڪيدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.