راشد منهاس شهيد جي 55هين يومِ شهادت تي صدر، وزيراعظم ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن پاران خراجِ عقيدت

پاڪستان ايئر فورس جي عظيم سپوت ۽ نشانِ حيدر حاصل ڪندڙ پائلٽ آفيسر راشد منهاس شهيد جو 55هون يومِ شهادت اڄ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي.ان موقعي تي صدر مملڪت آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن سميت پاڪ فوج پاران راشد منهاس شهيد جي عظيم قرباني کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، پاڪ بحريا ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهن سميت هٿياربند فوجن راشد منهاس شهيد جي لازوال قرباني کي ڀيٽا پيش ڪئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته راشد منهاس شهيد جي عظيم قرباني اڄ به پاڪ فضائيه جي جوانن ۽ پوري قوم لاءِ مشعلِ راهه آهي، جڏهن ته سندس نالو بهادري، قرباني ۽ فرض سان غير متزلزل وابستگي جي علامت طور هميشه زنده رهندو.

صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي سڀ کان ننڍي عمر ۾ نشانِ حيدر حاصل ڪندڙ راشد منهاس شهيد جي قرباني قومي تاريخ جو روشن باب آهي. سندس بهادري، فرض شناسي ۽ حب الوطني ايندڙ نسلن لاءِ عزم ۽ حوصلي جو پيغام آهي.

وزيراعظم شهباز شريف پڻ راشد منهاس شهيد کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته سندس عظيم قرباني قوم لاءِ بهادري، حب الوطني ۽ فرض شناسي جي لازوال مثال آهي. وزيراعظم شهيد جي بلند درجات لاءِ دعا پڻ ڪئي.

راشد منهاس شهيد 17 فيبروري 1951ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ 14 مارچ 1971ع تي پاڪ فضائيه جي جي ڊي پائلٽ ڪورس ۾ ڪميشن حاصل ڪيو.

20 آگسٽ 1971ع تي هن ڪراچي جي مسرور ايئر بيس تان تربيتي اڏام لاءِ اڏام ڪئي. ان دوران انسٽرڪٽر پائلٽ فلائيٽ ليفٽيننٽ مطيع الرحمان جهاز کي اغوا ڪري ڀارت وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڀارتي سرحد ويجهو راشد منهاس شهيد جهاز جو رخ واپس پاڪستان ڏانهن موڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر صورتحال قابو کان ٻاهر ٿيڻ تي هن جهاز جو رخ زمين ڏانهن موڙي ڇڏيو ۽ پنهنجي جان قربان ڪري وطن جي خودمختياري ۽ قومي وقار تي آنچ اچڻ نه ڏني.